SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وطن واپسي-ڏيهه بحالي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وطن واپسي-ڏيهه بحالي

Repatriation

ريپئٽريشن

مخصوص حالتن جي ڪري مجبور ٿي جڏهن ڪنهن هڪ ملڪ جا باشندا، ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پناهه وٺندا آهن، ته ان عمل کي ”ريپئٽريشن“جو عمل چئبو آهي. هن صورتحال تحت پناهه ڏيندڙ ملڪ، ماحول سازگار ٿيڻ ۽ حالتن جي سڌرڻ کان پوءِ، پناهه ورتل باشندن کي سندن مرضيءَ بنا کين اباڻي ملڪ موڪلي سگهندو آهي. ٻن عظيم جنگين جي دوران اوڀر ۽ وچ يورپ جي ملڪن مان جيڪي باشندا لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن (ڪن کي سندن رضا منديءَ سان ۽ ڪن کي زوريءَ) موٽايو ويو. 1989ع ۾ويٽنام جا ڪافي باشندا حُڪومتي عتاب کان ڀڄي پاڻيءَ جي ٻيڙين وسيلي دربدر ٿي برطانيه تائين پهتا، پر مُناسب جواز نه هئڻ سبب کين واپس سمنڊ ڏانهن موٽايو ويو. برطانوي حڪومت جي اهڙي اڻ -سهڪاري عمل سان هڪ وڏو انساني مسئلو پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهڙي دربدريءَ سان پناهه وٺندڙن جو ڪاروهنوار ۽ روزمزه جي زندگي ۾ سخت مُشڪلاتون پيش آيون. دُنيا ۾ تسليم ٿيل انساني حقن مطابق جيئن ته ”ريپئٽريشن“ جي عمل ۾ خاص ضابطا مقرر ڪرڻ ۽ معيار پورا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تنهنڪري برطانيه انهيءَ جواز کي بُنياد بڻائيندي، ويٽنامي پناهه گيرن جي حيثيت بابت ”قانوني“ ۽ ”غيرقانوني“ جا اصطلاح ڪتب آندا. دُنيا ۾ هن معاملي تي تمام وڏا بحث ۽ موقف سامهون آيا آهن، پر اڄ تائين به انهيءَ جو ڪو به مستقل حل نه نڪري سگهيو آهي


Remember Me Also:

باجو

ذ. [سن. واديَه > وَد = آواز ڪرڻ] واڄو. هارمونيم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal